اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائداعظم جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي 144 هين يوم پيد??ئش جي موقعي تي ڪيو جيڪو 25 ڊسمبر تي نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 20 هين صدي جو ع??يم اڳواڻ ۽ مسلمان ??مت جي اتحاد جي علامت هو، اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان ??و متواز?? پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، هن چيو ته قائداعظم جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم کي اختيار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا پر پنهنجي عملي زندگي کي به بهتر بڻائي سگهون ٿا.