اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن سان معاشي ??رگرمين کي فروغ ملندو، ٻنهي منصوبن ۾ ماحولي??ت جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊيولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي راوي سٽي منصوبي تي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻ??اي?? ويو ته راوي سٽي منصوبي ۾ 5400 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي جنهن جي مد ۾ ايوارڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻ??اي?? ويو ته راوي سٽي منصوبي تائين آسان پهچ جي لاءِ 17 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيو ويندو. ماحولي??ت جي تحفظ جي حوالي سان اجلاس کي ٻ??اي?? ويو ته راوي سٽي ۾ 450 ايڪڙ زمين کي ايگري فارمز جي لاءِ رکيو ويو آهي، راوي سٽي ۾ سيڙڪاري جي لاءِ ناليواري سيڙپڪار ڪمپنين پاران دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ قائم ڪرڻ جي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻ??اي?? ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ ماحولي??ت جي تحفظ جي لاءِ 10 هزار وڻ لڳايا ويندا، هن وقت ان علائقي ۾ رڳو 1390 وڻ آهن، ان حوالي سان هڪ ٽري ميٽر قائم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ لڳايو ويندڙ هر وڻ جي داخلا ٿيندي.