اسلام آباد – 10 –; مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت نجي شعبي کي ترقياتي عمل ۾ ڀرپور طريقي سان شامل ڪرڻ ۽ ان کي بهتر ماحول جي فراهمي جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي، ٻاهرئين ۽ اندرئين ??لڪ سيڙپڪارن کي آسانيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري بو??ڊ کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اجلاس ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام تحت مختلف ترقياتي منصوبن خاص طور تي نجي شعبي جي حصيداري سان هيستائين ??ڄاڻي تي پهچندڙ مختلف منصوبن، ڪيترن ئي شعبن ۾ پڄاڻي ??يٺ ۽ جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن جي حوالي سان ڏني ويندڙ بريفنگ جي موقعي تي ڪيو.