اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ڪراچي نيوڪليئر پاور پل??نٽ يونٽ – 2 (ڪي – 2) جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ بيجنگ ۾ پاور پل??نٽ ??ي افتتاح جي تقريبن جو ورچوئل انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ وز??راعظم عمران خان اسلام آباد مان شرڪت ڪئي، تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وز??ر شبلي فراز، توانائي واري وفاقي وز??ر عمر ايوب خان، وفاقي وز??ر حماد اظهر، ايٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين محمد نعيم ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين وز??راعظم عمران خان جو تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. انٽرنيشنل ايٽامڪ انر??ي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروزي به تقريب کي ورچوئل خطاب ڪيو ۽ پاڪستان جي پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي ??ي استعمال کي ساراهيو ۽ ان کي محفوظ ۽ ماحول دوست قرار ڏنو. چائنا ايٽامڪ انر??ي اٿارٽي جي چيئرمين پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏيندي ان منصوبي کي پاڪ چين دوستي جو مظهر قرار ڏنو ۽ چيو ته چين پاڪستان سان تعاون جاري رکندو، ڊي ??ي ايس پي ڊي ۽ لاڳاپيل عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ڪي ٽو نيوڪليئر پاور پل??نٽ ج??يد ترين نوعيت جو جنريشن ٿري جو نيوڪليئر پاور پل??نٽ آهي جيڪو حفاظت ۽ سيفٽي جي ج??يد ترين انتظامن سان ليس آهي، ان ۾ اندروني ۽ ٻاهرين تحفظ ۽ حادثن کان بچاءُ کانسواءِ ايمرجنسي جي صورت ۾ بچاءُ ۽ ازالي جي ج??يد ترين سهولتون شامل آهن.