اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب، وفاق سنڌ حڪومت کي هيستائين اين ايف سي جي مد ۾ 1900 ارب کان وڌيڪ ڏئي چڪو آهي، ٻڌايو اهو پئسو ڪٿي خرچ ٿيو؟ توهان سنڌ حڪومت جي غفلت ۽ لاپرواهي تي سنڌ جي عوام کان ڪڏهن معافي گهري رهيا آهيو؟ سنڌ جي عوام ??يپلزپارٽي کي جيڪو مينڊيٽ ڏنو اهو پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي، سنڌ ۾ ڪرپشن سان گڏوگڏ صلاحيت جي به کوٽ آهي، 59 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ استعمال نه ٿي سگهي، صوبائ?? حڪومت هدف موجب 53 سيڪڙو روينيو به جمع نه ??ري سگهي ان کانپوءِ به حڪومت ڪرڻ جو ڪو جواز بچي ٿو؟ پيپلزپارٽي جو چونڊ نشان ڪرپشن هجڻ گهرجي ڇو ته هو ان کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ئي نه آهي. بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ۽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول همت ??ري ۽ سنڌ جي عوام کي ٻڌائي وفاق?? حڪومت پاران اين ايف سي جي مد ۾ سنڌ حڪومت کي جاري ٿيندڙ 1900 ارب روپيا ڪٿي خرچ ڪيا آهن.