اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي خراب طرز حڪمراني جو نشانو انڊسٽريز ۽ عام ماڻهو جي روزگار کي بند ڪري بڻائي رهي آهي، ايس او پيز تي عم??در??مد جي حوالي سان سنڌ سڀ کان پ??تي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هڪ طرفي لاڪ ڊائون بدران اين سي او سي جي فورم تان قومي سطح تي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان فيصلاسازي کي اه??يت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙي غلطي سنڌ حڪومت اڳ ۾ به ورجائي چڪي آهي، اقتدار جي نشي ۾ بدمست سنڌ حڪو??ت جي ذميوارن کي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي مشڪلاتن جو ڪو احساس نه آهي.