اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفا??ي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ض??ور?? آهي، اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ض??ور?? آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪي جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي دفاع واري ??زير جنرل (ر) خلوصي آقار سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفا??ي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ض??ور?? آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سڀني عالمي فورمن تي مڪمل تعاون آهي، صدر چيو ته اسلامي دنيا کي مختلف مسئلا ۽ ڳنڀير حالتون درپيش آهن. اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ض??ور?? آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي جنگ سبب سخت متاثر ٿيو. هن چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي پهچندو، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪي جي حمايت جاري رکندو، صدر ڪشمير ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان جي حمايت تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو. ترڪ دفاع واري ??زير ترڪ صدر رجب طيب اردوان پاران صدر عارف علوي کي ترڪي جي دوري جو دعوت نامو پيش ڪيو، ترڪ دفاع واري ??زير چيو ته ٻنهي ڀائرن ملڪن کي گڏيل مفاد جي معاملن تي گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي ض??ور?? آهي. ترڪي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي تربيت سميت ٻين دفا??ي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ض??ور?? آهي.