اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان طالبان پاران ان خاطري جو خواهشمند آهي ته افغان سرزمين ان جي خلاف استعمال نه ٿيندي جيئن طالبان چين ۽ آمريڪا کي به خاطري ڪرائي آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪ??هن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، ??فغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن استنبول ۾ ٽي آر ٽي جي پروگرام ”اسٽريٽ ٽاڪ“ ۾ هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن چيو ته ا??ان کي به اهڙي طرح خاطري ڪرائي وڃي جهڙي طرح چين ۽ آمريڪا کي ڪرائي وئي آهي ته افغان حدون ڪڏهن به ڪ??هن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿينديون. اها ڳالهه صدر پروگرام جي ميزبان پاران طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دهشتگرد گروپن جي ٻيهر فعال ٿيڻ ۽ افغانستان ۾ نئين حڪومت ??ان ڪ??هن شرط بابت پاڪستان جي موقف جي حوالي ??ان سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته طالبان چين ۽ آمريڪا کي خاطري ڪرائي هئي ۽ پاڪستان لاءِ به اها ئي اميد آهي، ??نهي اصول تي مون کي اميد آهي ته افغانستان جي نئين حڪومت پاڪستان ??ان به اهڙي طرح جو طرز عمل اختيار ڪندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي منشور ۾ مقرر ڪيل عالمي قدرن ۾ به انهي رويي جي حمايت ڪئي وئي آهي. دهشتگردن جي روڪٿام بابت هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي سرحد تي خاردار تار لڳائي آهي، ??البان کي افغان عوام جو حقيقي نمائنده تسليم ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته حڪومت ٻين ملڪن جي مشاورت ??ان ڪو به فيصلو ڪندي، پهرين ا??ان کي ان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻو آهي. طالبان جو پاڪستان جي اعتماد جوڳي هجڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ هجي ا??ان ان تي اعتماد ڪريون ٿا ڇو ته پاڙيسري جي حيثيت ??ان امن يقيني بڻائڻو آهي. هن افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کي جلد بازي قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان سدائين آمريڪا کي چيو ته جنگ نه پر ڳالهيون ئي بهترين حل آهي، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ويٽنام جنگ يا افغانستان ۾ سوويت مداخلت کانپوءِ پيدا ٿيندڙ انساني صورتحال جي نتيجي کي وساريو ويو. صدر چيو ته افغانستان جي صورتحال جي لاءِ پاڪستان کي ذميدار بڻائڻ فيشن بڻجي چڪو آهي ت??هن هوندي به هن واضح ڪيو ته افغانستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي اها دنيا جي سامهون آهي، ??مريڪا افغانستان ۾ 20 سال قيام دوران 2 کرب ڊالر خرچ ڪيا آهن ۽ ترقي لاءِ سوين ارب سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته بليم گيم ۽ قرباني جو ٻڪرو تلا?? ڪرڻ آ??ان آهي، ??نگ سٽيل ملڪ ۾ استحڪام جي حوالي ??ان پاڪستان جي ڪردار بابت صدر چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ چئن ڏهاڪن کان جاري تڪرار سبب افغانستان کانپوءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو آهي. افغانستان ۾ امن جي بحالي کانپوءِ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪندڙ وڏو ملڪ هوندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مسئلا تيزي ??ان حل ڪيا ويندا، هن چيو ته پاڪستان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، ??ن قدم کي افغان عوام کي خيرخواهي جي جذبي طور ياد رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ترقياتي ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ چين، روس، ترڪي ۽ آمريڪا ??ان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته ڀارت سازشي جو ڪردار ادا ڪر رهيو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي خلاف ڪ??هن ٻئي ملڪ جي سرزمين استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ترڪي ??ان ٻطرفي دفاعي تعاون تي اعتماد جو اظهار ڪيو ت??هن هوندي به صلاحيتن مان فائدي لاءِ معاشي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي تي زور ڏنو، هن ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي بابت پاڪستان جي قدمن تي ترڪي پاران اڻٽر حمايت جو به ذڪر ڪيو جتي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خ??اف ورزيون جاري آهن.