اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مجموعي ۽ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اسلام جي تصور موجب عورتن جي ملڪيت جي حقن جي تحفظ ۽ فراهمي جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻه?? کي عورتن جي حقن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم جي لاءِ عالم سڳور?? ۽ ??يڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عورت?? کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورت?? کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. عورتن جي ملڪيتن جي حقن جي قانون 2020ع کي لاڳو ڪرڻ جو حوالو ڏيندي صدر قانونسازي جي ان قدم کي عورت?? کي انهن جا حق ڏيڻ ۾ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو ۽ سمورن صوبن ۾ هڪ جهڙن قانونن جي ضرورت ??ي زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع هڪ موثر ۽ تيزي سان شڪايت جي ازالي جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي جنهن تحت ڪا به عورت ??يڪا جائيداد جي ملڪيت يا پنهنجي جائيداد جي قبضي کان محروم آهي اها محتسب کي اپيل داخل ڪري سگهي ٿي. هن عورتن جي جائيداد جي مسئل?? کي حل ڪرڻ جي لاءِ متبادل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت ??ي پڻ زور ڏنو. صدر عورت?? کي بااختيار بڻائڻ بابت منصوب?? کي اسٽريم لائين ڪرڻ جي ضرورت ??ي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته عورت?? کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ انه?? کي احساس پروگرام ۽ استيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي دستياب قرضن ۽ ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت ??هي. ان موقعي تي عمر ايوب خان صدر کي عالمي بئنڪ، ا??شيائي ترقياتي بئنڪ ۽ مختلف ملڪن پاران پاڪستا?? کي عورتن جي لاءِ ڏني ويندڙ گهڻ رخي ۽ ٻطرفن فنڊز ۽ قرضن بابت آگاهه ڪيو. صدر ان سلسلي ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن پاران مالي معاونت کي ساراهيو.