نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان مشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آ??ري??ا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آهي، آ??ري??ا سان لاڳاپا پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکندڙ آهن، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي کي نه ورجايو وڃي، عالمي برادري افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪائونسل آن فارن ريليشنز کي خصوصي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي لاءِ آ??ري??ا اهم حصيدار آهي. آ??ري??ا اڃا به اسان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊيءَ ۽ پرڏيهي مٽاسٽآ جي ناڻي جو وڏو ذريعو آهي. آ??ري??ا افغانستان ۾ پنهنجو بنيادي مقصد حاصل ڪري ورتو آهي. افغانستان ۾ آ??ري??ي فوجي مشن کانپوءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته 11 سيپٽمبر جي دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ آ??ري??ا القاعده جي بنيادي قيادت کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آ??ري??ا افغانستان ۾ پنهنجو بنيادي مقصد حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ پاڪ آ??ري??ا لاڳاپن ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سان پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار تي روش??ي وڌي. هن چيو ته آ??ري??ا پاران افغان مشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آ??ري??ا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪ آ??ري??ا لاڳاپن کي جنهن حوالي سان سڃاتو ويندو هو پاڪستان ان ”اڳوڻي روش کان ٻاهر نڪرڻ“ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير چيو ته نائن اليون جي دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ آ??ري??ا گڏجي دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪئي. هن چيو ته آ??ري??ا سان لاڳاپا پاڪستان جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهن، آ??ري??ا سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ جو درجو رکي ٿي. پاڪستان جا ذهين نوجوان اڄ به تعليم جي لاءِ آ??ري??ي تعليمي ادارن جو رخ ڪن ٿا جڏهن ته آ??ري??ا ۾ رهندڙ سياسي طور تي متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي پاڪستان ۽ آ??ري??ا جي وچ ۾ بطرفن لاڳاپن ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان اقتصادي ترجيحي ايجنڊا ??ي عمل ڪري رهيو آهي. اسان پاڪ آ??ري??ا لاڳاپن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن جي حوالي سان نئين امڪانن جي ڳولائو آهيون. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان 220 ملين ماڻهن تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ آهي، جتي ٽيڪنالاجي ۽ قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، جتي آ??ري??ي ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون. پاڪستان گذريل 40 سالن کان افغانستان م جاري عدم استحڪام جي وڏي قيمت ادا ڪئي. شاهه محمود قريشي واضح ڪيو ته معاشي لحاظ کان مضبوط پاڪستان خطي ۾ استحڪام جو مظهر هوندو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ افغان سرحد جي بنهي طرفن روزگار ۽ معاشي خوشحالي حاصل ڪرڻ ۽ افغان عوام کي پنهنجي ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان آ??ري??ا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي ورجائڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ مستحڪم حڪومت قائم ڪرڻ لازمي آهي. طالبان کي به دهشتگردي جي خاتمي، انساني حقن جي تحفظ ۽ سياسي شموليت بابت پنهنجي واع??ن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري ممڪن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي فوري مدد کي يقيني بڻائي. ڪشمير جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان عهدو سنڀالڻ جي فوري پوءِ ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي. ڀارت نه رڳو ان امن جي آڇ کي ٿُڏيو پر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي غيرقانوني قدمن ذريعي پوري خطي کي غيرمستحڪم بڻائي ڇڏيو، ان جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو. سيد علي شاهه گيلاني جي لاڏاڻي تي ڀارت جي بوکلاهٽ ۽ غيرانساني رويي سڄي دنيا آڏو سندس پول کولي ڇڏيو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جي پرامن حل ڳولڻ جي لاءِ پرعزم آهي پر اها ذميواري ڀارت تي آهي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري. اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري خودمختياري ۽ آزادي جي حق جي اصولن کي ڪشمير ۾ سياست جي ور چڙهڻ نه ڏيندي. پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙن پاران پاڪ آ??ري??ا لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. تقريب ۾ ناليوارن تجزيه نگارن، ٿنڪ ٽينڪ ڪميونٽي جي ميمبرن کانسواءِ ميڊيا نمائن??ن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.