اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر ريپبلڪن سينيٽر جيمز رش سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير پ??ڪستان پاران آمريڪا سان ڊگهي ب??ياد، اسٽريٽجڪ حصيداري جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ٻطرفي ۽ علائقائي حوالي سا?? ٻنهي ملڪن جي گڏيل مف??دن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير علائقائي رابطي، ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهيمت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير افغانستان ۾ هڪ جامع، سياسي حل کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششو?? جاري رکڻ تي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته افغانستان ۾ هڪ مستحڪم ۽ وسيع بنياد حڪومت جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي دهشتگرد گروه، افغان سرزمين جو ٻيهر ڪڏهن استحصال نه ڪري سگهن، آمريڪي سينيٽر رش ٻطرفي ۽ علائقائي معاملن تي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاو?? جاري رکڻ جي حوالي سان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي موقف سان اتفاق ڪيو.