اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جي ??عبي جي ??لاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحت ڪ??رڊ جي فراهمي سان عوام کي ??عياري ع??اج جي ??هولتن جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي ڪمن خاص طور تي سياحت جي فروغ جي لاءِ جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پلان، ٻيلن جي ??حفظ جي لاءِ قدمن ۽ صوبي ۾ جاري انفراسٽرڪچر جي ??هتري لاءِ منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ صحت ڪ??رڊ ۽ ان سان عوام جي ??نيادي صحت جي ??هولتن جي فراهمي ۾ بهتري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.