رياض -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي ??رب چيو آهي، ته سندس ملڪ فلسطين جي عوام سان سندن حق حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ بيٺل آهي. سعودي ??ابرو اداري مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دو??ان غزه ۾ فوجي ڇ??تاڻ، خطي جي سلامتي ۽ استحڪام تي ڳالهيون ڪيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي ??رب فلسطين جي قوم جي امنگن ۽ مطالبن کي حاصل ڪرڻ ۽ هڪ منصفاڻي ۽ جامع امن تائين پهچڻ لاءِ سا??ن گڏ بيٺل آهي. ان کان اڳ هن مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان غزه ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد مصر جي صدر سان ڳالهائيندي فلسطيني ۽ اسرائيلي ڌرين وچ ۾ جاري ڇ??تاڻ ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان سبب شهرين جي حياتين کي درپيش وڏن خطرن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ خطرن تي ڳالهيون ڪيون. مصر جي صدارتي ترجمان چيو آهي، ته سعودي ??رب جي ولي عهد سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دو??ان هن نازڪ مرحلي تي تحمل کان ڪم وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ترجمان وضاحت ڪئي ته مصر ۽ سعودي ??رب وچ ۾ ايندڙ عرصي ۾ فلسطين مسئلي جي حوالي سان عربن جي ويزن جي تصديق لاءِ مشاورت ۽ هم آهنگي جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اهو ويزن ٻه رياستي حل تي ٻڌل هڪ جامع ۽ منصفاڻي حل کي حاصل ڪرڻ جي چوڌري گهمي ٿو جيڪو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آهي.