اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جو واعدو آهي ته غريبن کي ڇت فراهم ڪرڻي آهي، صنعت جڏهن هلندي آهي ته غريب جو چلهو ٻرندو آهي، عدالت ۾ ڪڏ??ن به ڏوهاري جي خواهش موجب ٽرائل ناهي ٿيندو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ قوم سان خيانت ڪئي وئي جنهن تي قانوني ڪارروائي ٿيندي، عوام جي پئسي تي لڳندڙ ڌاڙي جو حساب ورتو ويندو، قانون سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو آهي ان جي اسان کي ??دوجهد جاري رکڻي آهي، احتساب هن قوم جي ۽ وقت جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا سينٽر اسلام آباد ۾ سم??رٽ ايڪسپو آف فيوچر ڊولپمينٽ هولڊنگ جي افتتاحي تقريب ۽ صحافين کي ??طاب ڪندي ڪيو.