اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام کي گڏجي ڪرونا جو مقا??لو ڪرڻو آهي، قومون مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو بهادري سان مقا??لو ڪرڻ سان ئي وڏي قوم بڻجن ٿيون، پاڪستاني قوم مڙهيل جنگين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جو بهادري ۽ يڪجهتي سان مقا??لو ڪيو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته پاڪستاني قوم ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان يڪجهتي سان ڪرونا جي وبا جو مقا??لو ڪندي ۽ ان کي شڪست ڏيندي، پاڪستاني بهادر قوم آهي ۽ هي قوم تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي عوام سان سڌوسنئون رابطي دوران شهرين جي سوالن جا جواب ڏيندي صدر چيو ته ڪرونا وا??رس سان متاثر ملڪن کان جيڪي تجربا سکيا ويا آهن، انهن موجب ميل ميلاپ ۽ غيرضروري چرپر ??ي محدود ڪيو وڃي ته ان وبا ??ي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.