اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن سان مسجدون کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ متفقه پڌرنامي ج?? خلاف ورزي ٿي ته ڪارروائي ٿيندي، ايندڙ جمعته المبارڪ کي توبهه جي ڏهاڙي ۽ رحمت جي ڏهاري طور ملهايو ويندو، مدرسن جي ٻارن جي لاءِ به گهر ويٺي تعليم جو ??رو??رام آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين سان ڳالها??ين??ي ڪيو.