اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪامياب سفارتي ڪوششن ۽ عالمي ميڊيا تي معاملو بهتر اندز ۾ اجاگر ٿ??ڻ تي دنيا ڪشمير جي حوالي سان ڀارت جي بياني کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ڪندو رهندو ۽ هر فورم تي ڀارتي بربريت سامهون آڻيندا رهنداسين. 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ ڪشمير مسئلو بحث هيٺ آندو ويو. هو اط??اعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”تشدد جو عالمي ڏينهن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ان??ها??سندي“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.