اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ترڪيءَ ج?? صدر رجب طيب اردوان صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ??يد??لاضحيٰ جي مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پڻ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن سال ??يد??لاضحيٰ مشڪل حالتن ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪوويڊ 19 عالمي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪوويڊ 19 جي خلاف ج??گ ۾ معا??نت فراهم ڪرڻ تي ترڪيءَ ج?? اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ ڪورونا جي ??يس?? جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آهي. صدر عارف علوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امتيازي سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.