اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين جي صدر گيبريلا ڪيووس بيرن پاڪستان جو د??رو مڪمل ڪرڻ کا??پو??ِ وطن واپس روانو ٿي وئي آهي، سينيٽ سيڪريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽر مرزا محمد آفريدي ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن آءِ پي يو جي صدر کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته مون کي ??اڪستان اچي وڏي خوشي ٿي، آئون پاڪستاني ثقافت ۽ مهمانوازي جون يادون کڻي وڃي رهي آهيان، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي ??روغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، گوادر، لاهور، مري ۽ ٻيا هنڌ پنهنجي تاريخي اهميت رکن ٿا، هن چيو ته پاڪستان آءِ پي يو جو هڪ فعال ميمبر آهي ۽ هو اميد ڪري ٿي ته پاڪستان آءِ پي يو جي پليٽ فارم تي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندو رهندو.