اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي دوس??اڻ?? لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارليماني رابطن کي فروغ ڏ??ڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پارليامينٽ هائوس ?? آن لائن ميٽنگ جي دوران ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻئي ملڪ غربت، انساني حقن جي بهتر فراهمي، برابري، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن جهڙن چئلينجن لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پارلياماني ا??يم??لي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ان گهڻ رخي فورمز مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.