اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي وچ ۾ ”ٽيپو سلطان: ننڍي کنڊ جي مشهور آزادي پسند جنگجو“ تي تاريخي سيريل تيار ڪرڻ لا??ِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون، يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊي ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جا نمائندا به موجود هئا. بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ٽيپو سلطان جي دور ۽ زندگي تي ڊراما سيريل تيار ڪندي، 6 سيزن (78 قسطن) تي ٻڌل ان سيريل جي شروعاتي سيزن هڪ سال ۾ جاري ڪئي ويندي، مفاهمت جي يادداشت ٻن سالن جي لا??ِ ٿيندي، جڏهن ته پروڊڪشن لا??ِ متوقع ڏنل ٽائيم لا??ين هڪ سال هوندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت مسلمانن جي عظيم ۽ تاريخي شخصيت ٽيپو سلطان تي سيريز جي تياري، مارڪيٽنگ ۽ سرڪا??ي ٽي وي (پي ٽي وي) تي براڊ ڪاسٽ ۾ تعاون ڪندي، بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ڄاڻايل پروڊڪشن جي تياري ۾ سموري لاڳت برداشت ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڄاڻايل سيريل جو وقت به وقت ٽيڪنيڪي جائزي وٺڻ سان گڏ وگڏ سيريل جي تياري کان پهرين اسڪرپٽ جو به جائزو وٺندي.