اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عو??تن کي سفارتڪاري کي بطور ڪيريئر چون?? ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سفارتڪاري ۾ عو??تن جي شموليت پائيدار ترقي، امن ۽ جمهوريت حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سفارتڪاري ۾ عو??تن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اڄ اسان سفارتڪاري جي سمورين سطحن تي عو??تن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت کي ??رو?? ڏيڻ جو وچن ڪريون ٿا، سڄي دنيا ۾ عورتون سفارتڪارن جي انگ ۾ اضافو حوصلي جوڳي ڳالهه آهي، عورت سفارتڪارن جي شرح 2018ع ۾ 16 سيڪڙو مان وڌي 2022ع ۾ اٽڪل 22 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستاني عورت سفارتڪار پرڏيهي وزير کان وٺي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻاهرئين ملڪ سفيرن تائين مختلف عهدن تي ڪم ڪنديون رهيون آهن، عو??تن کي سفارتڪاري ۾ اعليٰ فيصلاسازي جي عهدن تي پهچائڻ جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن. صدر چيو ته سفارتڪاري ۾ عو??تن جي پهرين عالمي ڏينهن جي موقعي تي عو??تن جي ڪاميابين ۽ خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا. سازگار ماحول جي فراهمي سان اهم سفارتڪاري ۾ عو??تن جي شرڪت ۽ نمائندگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن چيو ته صنفي تعصب جون مضبوط پاڙون اڃا به عو??تن جي پيشيواراڻي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ پائيدار ترقي ۽ امن سان گڏوگڏ جمهوريت جي حاصلات لاءِ ا??ان جي رفتار کي تيز ڪندو. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته صحيح حوصلا افزائي ۽ سازگار ماحول جي فراهمي سان اهم سفارتڪاري ۾ عو??تن جي شرڪت ۽ نمائندگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.