استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ دستياب پرڪشش موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار، شمسي توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم ??ڻي رهيا آهيون جڏهن ته ترڪيه سان ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. و??ير??عظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪي??. تقريب ۾ واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير اسرار ترين، و??ير??عظم جي خاص معاون فهد حسين، ترڪيه ?? پاڪستان جي سفير، ترڪيه جي واپار واري وزير کانسواءِ ترڪ واپارين ۽ سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار، دفاعي پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم ??ڻي رهيا آهيون. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته استنبول ۾ پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ماضي ۾ ترڪيه جي ڪجهه ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ مشڪلاتون رهيون، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي مسئلن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ قدم ??ڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ترڪيه جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم ??ڻي رهيا آهيون. و??ير??عظم گذريل ڏينهن ۾ ترڪيه ?? ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ترڪيه پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهيو آهي، ترڪيه ?? دهشتگردي جي تازي ڪارروائي مذمت جوڳي آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي اسان کي انتهائي ڏک آهي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏوگڏ عوام به دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. هن استنبول دهشتگردي ۾ انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪي??. هن چيو ته دهشتگردي کي هارائڻ جي لاءِ معاشري جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪريل ماڻهو آهن. و??ير??عظم شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي افسوسناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿيا. هن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. ترڪيه جي صدر ۽ عوام جا ٿورا مڃيندي هن چيو ته ترڪيه پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي، پاڪستان ۾ ان افسوسناڪ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته لکين گهر تباهه ٿيا، ٻوڏ کانپوءِ ترڪ صدر ٽيليفون ڪري پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪي?? جنهن کانپوءِ متاثرين جي مدد لاءِ انقره کان اسلام آباد ۽ ڪراچي تائين ايئر برج قائم ڪي?? ويو ۽ ٽرينن جي ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو، ترڪيه اڳتي وڌي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. و??ير??عظم چيو ته ترڪ واپارين جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم ۽ ڪوششون ڪي??ن وينديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا بي پناهه امڪان آهن، واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ترڪيه سان ٽن سالن ۾ واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. و??ير??عظم چيو ته گهڻ رخي رابطن ۾ وڌيڪ اضافي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا ۽ بي پناهه امڪان موجود آهن، اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم ??ڻي رهيا آهيون، اسان ترڪي سان واپار ۾ اضافي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪي??ن آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ترڪيه جي ڪمپنين جي لاءِ ڪجهه مشڪلاتون رهيون آهن، ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ختم ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته مختلف شعبن خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار ۽ شمسي توانائي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، ان ڏس ۾ پاڪستان جي حڪومت ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. و??ير??عظم روس يوڪرين تڪرار جو ذڪر ڪندي چيو ته ان جي ڪري تازي تاريخ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻارڻ جي قيمتن ۾ زبردست اضافو ٿيو، ان صورتحال سان پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪ به متاثر ٿي رهيا آهن، ان جي نتيجي ۾ مختلف ملڪن کي ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان دنيا کي هڪ مشڪل مان ڪڍيو آهي جيڪا دنيا کي هڪ گذريل هڪ سال کان درپيش آهي، ترڪ صدر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏجي ان جو حل سفارڪاري سان ڪڍيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل عام ماڻهن جي دلين جي ڳالهه ڪري ٿو. و??ير??عظم چيو ته حڪومت مهانگي پيٽروليم مصنوعات جي درآمد کي گهٽ ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان گذريل سال 27 ارب ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪي??ن، اسان اهو برداشت نه ٿا ڪري سگهون. و??ير??عظم چيو ته هو ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو ٿورائتو آهي جنهن اسان جو پنهنجي ٻئي گهر ترڪيه اچڻ تي شاندار استقبال ڪي??، ترڪ صدر سان گذريل رات بامقصد ۽ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۾ مدد ملندي، سامونڊي جهاز ملجم جو به افتتاح ڪي?? ويو. ان کان اڳ ان جي ڪراچي ۾ به لانچنگ ٿي، اها دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن ۽ ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي انهن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لامحدود صلاحيتن کي ٻطرفي واپار ۽ ڪاروبار ۾ پڻ نظر اچڻ گهرجي. و??ير??عظم چيو ته سندس حڪومت ترڪ ڀائرن سميت غيرملڪي سيڙپڪارن پاران سيڙپڪاري جي راهه ۾ ڪنهن به قسم جي وڌيڪ رڪاوٽ برداشت نه ڪندي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات دوران کيس ٻڌايو ويو ته وڌيڪ ترڪ ڪمپنيون پاڪستان اچڻ جون خواهشمند آهن. و??ير??عظم چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته ماضي جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ترڪ ڪمپنين کي انهن جون واجب الادا ادائيگيون نه ڪي??ن ويون، اهڙو ئي معاملو پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ترڪش ايئرلائينز جو هو. هن چيو ته آئون توهان جي ذريعي سڀني کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان پاڻ ۾ ڀاءُ ۽ خاندان آهيون ۽ اهڙي قسم جي رڪاوٽن کي برداشت نه ڪنداسين جنهن سان اسان جي لاڳاپن کي نقصان پهچي. و??ير??عظم چيو ته سندس حڪومت سمورن مسئلن کي ختم ڪندي ۽ سيڙپڪارن جي حقيقي مسئلن کي حل ڪندي. هن چيو ته ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ”ٽريڊ اينڊ گڊز ايگريمنٽ“ جي معاهدي تي ڪم تيز ڪي?? ويندو، ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي هڪ ياداشت تي صحيحون ڪي??ن آهن. هن چيو ته ترڪيه جو سالياني واپار 250 ارب جي لڳ ڀڳ هو جڏهن ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار هڪ يا ڏيڍ ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ هو جيڪو بي پناهه صلاحيتن جي ڏس ۾ تمام گهٽ هو. و??ير??عظم چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي مثالي ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي نه ٿو ڪري. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي پنهنجي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻيندي ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ گهرجي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته مضبوط عزم ۽ خلوص سان واپاري ڪاٿي کي ايندڙ ٽن سالن ۾ ٻيڻو ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن ڇو ته رڳو سخت محنت ۽ اڻٿڪ ڪوششون ئي هڪ شاندار ڪاميابي جي لاءِ اهم ثابت ٿينديون. و??ير??عظم شهباز شريف چيو ته اسان پاڪستان ۾ شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ جو منصوبو آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن.