اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ڀاڻ جي وقت ??ر دستيابي لاءِ حڪومت ۽ لاڳ??پي?? ادارا قدم کڻي رهيا آهن،ڀاڻ جي گهرج کي نظر ۾ رکندي ڀاڻ جي قيمتن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن آب??دگ??رن تي مالي بار نه پوي. اهڙو اظهار هن ڪالهه فرٽيلائيزر ريويو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀاڻ جي ڪا به کوٽ نه آهي، ڊي اي پي ڀاڻ جي گهرج ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جي امڪاني سببن ۾ زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ آب??دگ??رن طرفان زمين جي زرخيزي بهت?? بڻائڻ جون ڪوششون شامل ٿي سگهن ٿيون. اجلاس ۾ ربيع جي مند لاءِ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي اسٽاڪ جي پو??يشن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخيري تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ٻنهي جي ڪا به کوٽ ناهي، ڊي اي پي ڀاڻ جي گهرج وڌي رهي آهي ۽ ان جي کپت ۾ 44 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، راڻا تنوير حسين چيو ته پنجاب حڪومت جي جاري ڪيل آب??دگ??ر ڪارڊ سبب گهرج وڌي وئي آهي، آب??دگ??رن جي ضرورتن کي پو??و ڪرڻ لاءِ ڀاڻ جو اضافي ذخيرو موجود آهي. هن جو چوڻ هو ته آب??دگ??ر ربيع جي مند ۾ ڊي اي پي جي مناسب استعمال سان واڌو پيداوار حاصل ڪندا، آب??دگ??رن جي خوشحالي سان ملڪ ترقي ڪندو. ذخيرو ڪرڻ ۽ قيمتن ۾ ڦيرگهير خلاف صوبا سخت ڪارروائي ڪن.