تونسه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 – نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفا??ي وزير مصدق ملڪ ۽ چيو آهي ته ريگستان کان نخلستان ٺاهڻ جو سفر وزيراعظم جو ويزن آهي، ڪڇي ڪئنال بنجر زمين کي آبا?? ڪرڻ جو سفر آهي، زراعت غريب ماڻهو جو روزگار آهي ۽ اهو ئي وزيراعظم جو ويزن آهي. تونسه ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ??وانائي واري وفا??ي وزير مصدق ملڪ چيو ته چئني صوبن ۾ ڀائيچارو ۽ ملڪ جي خوشحالي وزيراعظم جو ويزن آهي، ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ روزگار ۾ اضافي سان خوشحالي ايندي، انهي سان وزيراعظم جو ويزن پورو ٿيندو، ريگستان کان نخلستان ٺاهڻ جو سفر وزيراعظم جو ويزن آهي. هن چيو ته ملڪ جي آبادي جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڳوٺاڻي آبادي ??ي ٻڌل آهي ۽ انهن جو دارومدار زراعت تي آهي، هي بنجر زمين کي آبا?? ڪرڻ جو سفر آهي، زراعت غريب ماڻهو جو روزگار آهي ۽ اهو ئي وزيراعظم جو ويزن آهي.