اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران ??مريڪا تڪرار جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سڀ کان پهرين ڪوشش جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي، اسان واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به دوست يا پاڙيسري ملڪ جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان ??اهه لڳائڻ ۾ نه باهه وسائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، پاڪستان هڪطرفي قدم ۽ طاقت جي استعمال جي خلاف آهي، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جو احترام چاهيون ٿا، جيڪڏهن آمريڪا ايران ??ڪرار وڌيو ته تيل جون قيمتون ۽ عالمي معيشت سخت متاثر ٿيندي ۽ خطي جي امن تي ان ??ا منفي اثر پوندا، اسان ??ڀني جي اولين ذميواري ملڪ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، پاڪستان ??سان ???? پهرين ترجيح آهي ۽ رهندي. قومي اسيمبلي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي پاليسي بيان ۽ مسلم ليگ (ن) جي خوا??ه محمد آصف پاران ????ار??ل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته خواجه آصف پاڻ ان ??هدي تي رهيو آهي ۽ هو ايترو بي خبر آهي، جنهن تي مون کي حيرت ٿي آهي.