اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان مصر سان ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ??ي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ مضبوط لاڳاپا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مصر جي ڪمانڊر ان چيف ۽ دفاع واري وزي?? جنرل محمد احمد ذڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوا?? صدر ۾ ملاقات ڪئي.