اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ وفاقي حڪومت جي فنڪارن جي ڀلائي جي فنڊ (فيڊرل گورنمينٽ آرٽسٽس ويلفيئر فنڊ) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو 10 هون اجلاس ٿيو جنهن ۾ مالي مشڪلاتن جو شڪار ۽ بيمار فنڪارن کي مالي مدد ڏيڻ جو جائزو و??تو ويو. اجلاس ۾ ملڪ جي مستحق ۽ ضروتمند فنڪارن کي امداد جي فراهمي جي ح??الي سان مختلف تجويزن جو جائزو و??تو ويو. اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته هن وقت فنڪارن جي ڀلائي لاءِ دستياب 250 ملين ??پين ??و فنڊ ناڪافي آهي ڇو ته اهڙن ف??ڪارن جو انگ ان رقم جي مقابلي ۾ تمام وڌيڪ آهي جن جون حالتون بهتر نه آهن ان لاءِ ڪميٽي انهن جي مالي مدد جي لاءِ انڊومينٽ فنڊ کي 250 ملين ??پين مان وڌائي هڪ ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني.