اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وفا??ي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي توانائي واري وزارت جي ڊيزل ۽ پيٽرول جي درآمدات کي يورو V معيار موجب ڪرڻ جي سفارشن جي منظوري ڏني وئي، انهن مصنوعات ۾ سلفر جي گهٽ مقدار جي ڪري فضائي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ياد رهي ??ه پاڪستان ۾ ڪي??رائي ميداني علائقا سردين ۾ ڌنڌ (سموگ) جو شڪار رهندا آهن، اجلاس ۾ في??لو ڪيو ويو ??ه پيٽروليم ڊويزن ملڪ ۾ موجود تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن سان يورو V کي ملڪ ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندي، ڪابينا ڪميٽي في??لو ڪيو ??ه پهرين آگسٽ 2020ع کان پوءِ آئل ڪمپنين کي صرف يورو V پيٽرول درآمد ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪابينا ڪميٽي جي في??لي موجب جنوري 2021ع کان صرف يورو V ڊيزل درآمد ڪرڻ جي اجازت هو??دي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا تفصيلي پلان تيار ڪندا.