اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي ج?? هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ??لوبل ايس اوي پي هواوي ٽيڪنالاجي ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيا لاءِ پريزيڊنٽ هووتائو ڪري رهيو هو. ??ن موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير امين الحق، واپار وارو صلا??ڪا?? عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف آر بخاري، پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ٻيا سينئر عملدار به موجود هئا، وفد ۾ هواوي پاڪستان جي سي اي او چيانگ منگ، ڊپٽي سي اي او احمد بلال مسعود، مينيجنگ ڊائريڪٽر ويجي گائو ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ افيئر زهان وو شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته هوا وي حڪومت جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ج?? منصوبن بابت پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت جي هڪ هزار ملازمن کي تربيت فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، هوا وي يونيورسٽي سطح جي شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي ج?? مهارتن سان آراسته ڪرڻ جي لاءِ ٽريننگ ۾ به تعاون فراهم ڪندي.