اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي لاءِ جاري مالي سال دوران 53 ملين رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇ??ي آهي، اهي فنڊز وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي خدمتن جي فراهمي لاءِ استعمال ۾ آندا ويندا، اجلاس ۾ موسمي ۽ انب جي برآمدات جي لاءِ نظام الاوقات جوڙڻ جي حوالي سان وا??ار واري وزارت ۽ قومي غذا??ي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي جڏهن ته جاري مالي سال جي لاءِ دفاع واري وزارت ۽ گهرو ??زارت جي چار مختلف منصوبن جي لاءِ 4 فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.