اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪووڊ -19 جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ 61 شين تي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي ڇوٽ ڏيڻ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قانوني اختيار سونپڻ، ربيع فصل خاص طور تي ڪڻڪ جي لاءِ وزيراعظم امدادي پيڪيج ۽ نيشنل ميڊيڪل اٿ??رٽ?? جي قيام جي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس منعقد ٿيندو، ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ?? کنڊ جي ڪا به کوٽ نه آهي ۽ انهن جي قيمتن ۾ ڪو ??ه اضافو نه ٿيندو، وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته قومي اسيمبلي م??مبرن جي پنهنجي تڪن ۾ مسئلن جي لاءِ هڪ واضح طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، ان ڏس ۾ وقت سر مسئلا حل نه ڪرڻ تي ضلعي انتظاميه ۽ شڪايت بابت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪابينا رينه سعيد خان جي چيئرپرسن طور اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورد مقرر جي م??ظوري ڏني، ڪابينا نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ جي چيئرپرسن ۽ ميمبر مقرر ڪرڻ جي م??ظوري ڏني، ڪميشن ۾ صوبن، اسلام آباد، اقليتن ۽ عورتن جي نمائندگي شامل آهي، ڪابينا ملڪ جي 19 ضلعن ۾ مقرر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قانوني اختيار سونپڻ جي م??ظوري ڏني، اهي اختيار ڪووڊ 19 (پريويننش آف اسمگلنگ) آرڊيننس 2020ع جي شق نمبر 8 ٽو تحت ڏنا ويا آهن، اهم سرڪاري ادارن ۽ ڪمپنين ۾ چيف ايگزيڪيٽو جي م??ررين جي طريقيڪار جي اصولي م??ظوري ڏني وئي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته مقررين جو عمل مڪمل طور تي شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل هجڻ گهرجي.