اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ماڻهو ۽ معاشري ??ي محروم ماڻهن جي ل??ءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتون ۽ ادارا حقيقي معنيٰ ۾ خراج تحسين جا مستحق آهن. پارليامينٽ خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ قانونسازي ۾ جهول ختم ڪري ??وايتي طريقيڪار کان هٽي سوشل ويلفيئر جي ل??ءِ ڪم ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون جڏهن قومي اسيمبلي ۾ آيس ته مون سوچيو ته پارليامينٽ کي انهن ماڻهن جي ل??ءِ استعمال ڪيو وڃي جيڪي محرومين جو شڪار آهن، مون سڀ کان اڳ ٽنڊوالهيار ۾ راشد آباد جو دورو ڪيو، اتي خصوصي ماڻهن جي ل??ءِ تعليم?? صحت، رهائش ۽ ٻيون سهولتون ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل کان به وڌيڪ آهن.