اسلام آباد – 5 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل ذريعي ملڪ جي عوام کي سندن چانئٺ تي انصاف فراهم ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم سٽيزن پورٽل کي ٻن سالن جو عرصو پورو ٿيڻ تي و??يراعظم کي مبارڪون پيش ڪندي پرڏيهي و??ير چيو ته هي اها تبديلي آهي جنهن جو وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف قوم سان واعدو ڪيو هو. پرڏيهي و??ير وزيراعظم جي سٽيزن پورٽل تي و??ول ٿيل شڪايتن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پ??ڏيهي و??ارت جي سڄي ٽيم جي ڪارڪردگ?? جي واکاڻ ڪ??ي ۽ چيو ته ڪوڊ-19 جي وبا دوران وزارت پاران سڄي دنيا جي پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪرائسز سينٽرز قائم ڪيا.