اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته مريم صفدر ۽ مولانا فضل ا??رح??ان ته پارليامينٽ ميمبر ئي نه آه?? انهن جي ڊيمانڊ تي پارليامينٽرين ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندا، پاڪستان جمهوري ملڪ آه?? ان ۾ جمهوري حڪومت کي جمهوري انداز سان ئي هٽائي سگهجي ٿو، ان جي لاءِ آئيني مدو مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، تاريخ گواهه آه?? ته جلسن جلوسن سان ڪا حڪومت ناهي وئي، جيڪڏهن ڪا حڪومت هلئي وئي ته جلسا جلوس ڪندڙن کي ڪجهه به نه مليو، عدالت کان ڀڄي ويندڙ شخص جي صاحبزاديءَ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آه??، مولانا فضل ا??رح??ان پوري سياست ۾ اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪئي، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هوندي ان مسئلي لاءِ ڇا ڪيو؟ عمران خان دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي زندهه ڪيو، عالمي سطح تي اسلامو فوبيا کي بهتر انداز ۾ اٿاريو، مخالف ڌر جمهوري حڪومت کي هٽائڻ جي لاءِ هر غيرجمهوري طريقو اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار آه??، سياسي پناهه وٺندڙن جو مقصد اقتدار ۾ ڪاروبار جي لاءِ اچڻ آه??. هو نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عث??ان ڊار سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.