اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??او?? سٽي ۽ آئي لينڊ سٽي تمام وڏا منصوبا آهن، مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار وڌندو ۽ انهن جي معاشي حالت بهتر ٿيندي، سيڙپڪارن جي لاءِ سيڙپڪاري ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي، ٻاهرئين سيڙپڪارن جي انهن منصوبن ۾ دلچسپي ما?? ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي سان ڪم ڪيو وڃي، ٻئي منصوبا شهري تعميرات ۽ ترقي جي حوالي سان قابل تقليد ماڊل ثابت ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ??او?? اربن ڊيولپمينٽ ?? پاڪستان آئي لينڊ منصوبن جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.