اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هڪ طرف ٻاهريان دشمن انڊين ڪرانيڪلز جي ذريعي پاڪستان جي خلاف ڪوڙي معلومات پکيڙڻ جو ڏوهه ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف پي ڊي ايم ڪوڙ جو سهارو وٺي عوام ۾مايوسي پکيڙي ??هي آهي، ٻنهي جي ڪوڙ جو واپار رنڱيل هٿن سان پڪڙيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گذريل رات مناظري ۾ شا??د خاقان عباسي جي اها ئي حالت هئي جيڪا ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ استحاق ڊار جي هئي، سچ جي سامهون انهن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا آهن، هن چيو ته نديم بابر (ن) ليگي ڪوڙ جا ذرا ذرا ڪري ??ڏيا، هاريل ٽيم جي ٽاپ رانديگرن جي بي وسي ۽ لاچار ڏسڻ وٽان هئي.