??سل??م آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ سروسز (ترميمي) ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ تحت قومي ۽ عالمي ??اپ??ر ۾ آساني لاءِ خودمختيار ا??ارو قائم ڪيو ويندو. روانگي ??اپ??ر، آمدني ??اپ??ر ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت سموريون سهولتون هڪ ئي نظام ۾ ميسر هونديون، اداري جي قيام سان ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي ٿيندي. سرحد پار ??اپ??ر آسان بڻائڻ ۽ سامان جي تيز ترين پهچ ۾ مدد ملندي. اداري جي قيام سان ڊيٽا جي وقت سر پراسيسنگ ۽ معياري خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، اداره گورننگ ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ تي ٻڌل هوندو، سينيٽ سروسز ايڪٽ تحت سينيٽ سيڪريٽريٽ جي گريڊ 17 ۾ مقرري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيندي، گريڊ هڪ کان 16 جي مقرري جو مجاز سينيٽ سيڪريٽريٽ هوندو، ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ضم نه ٿي سگهندا.