مڪه – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دنيا جي مختلف علائقن ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن ۾ اضافي تي اسلامي تعاون تنظيم جي ٺوس ردعمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مسلمان اڳواڻن جي گڏيل ڪوشش هجڻ گهرجي ته دنيا ان خصوصي محبت ۽ عقيدت کي تس??يم ڪري جيڪا مسلمان حضور اڪرم ﷺ جي ذات مبارڪ سان ر??ن ٿا، ڪنهن کي به اسلام ۽ دهشتگردي جي وچ ۾ ڪو ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، عالمي برادري عدم برداشت ۽ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي تشدد جي لاءِ اتساهڻ جي خلاف گڏيل عزم ظاهر ڪري ۽ بين المذاهب هم آهن??ي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف اي الاثمين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو.