اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميم??رن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب قانونساز اسيمبلي ميمب??ن علي شان سوني، عل?? رضا بخاري، صغير چغتائي، اڳوڻي اسپيڪر انوارالحق ۽ اڳوڻي وزير شهزاد چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪندي وزيراعظم عمران خان جي قيادت، ويزن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو، قانونساز اسيمبلي ميم??رن چيو ته ٺوس حڪمت عملي سان وزيراعظم عمران خان ملڪ کي مالي بحرانن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي ۽ جنهن موثر انداز ۾ هن عالمي فورمن تي نه رڳو ڪشمير پر اسلام جو ڪيس وڙهيو آهي اهو انتهائي ساراهه جوڳو آهي.