اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسان هڪ ڪرو?? ماڻهن کي ويڪسينيشن لڳائڻ جو هدف مڪمل ڪري ورتو آهي، پاڪستان ڪورونا جي خلاف جهڙي طرح جنگ وڙهي سڄي دنيا ان جو اعتراف ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته وزيراعظم ج??ڙي طرح ان ذهني ويڙهاند ۾ قوم کي هڪ لمحو به مايوس ٿيڻ نه ڏنو ۽ اين سي ا?? سي وزيراعظم ج?? پاليسي کي لاڳو ڪيو ان جي جيتري واکاڻ ڪئ?? وڃي اها گهٽ آهي.