ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي احساس پناهگاهه ڪورنگي جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي ضرورتمند ماڻهن جي لاءِ فراهم ڪيل رهائش ۽ طع??م جي سهولتن جو جائز?? ورتو، اها پناهگاهه احساس پروگ??ام ۽ پاڪستان بيت المال جو گڏيل منصوبو آهي جتي 100 ماڻهن جي رهائش جو انتظام ڪيو ويو آهي جڏهن ته 300 کان وڌيڪ ضروتمندن ??ي بنا معاوضي جي ٻن ويلن جي کاڌي جي سهولت به دستياب آهي. صدر احساس پناهگاه ۾ رهائش لاءِ ايندڙن جي رجسٽريشن جي طريقيڪار بابت معلومات حاصل ڪئي رهائشي ڪمرن ۽ ٻين سهولتن جو معائنو ڪيو.