اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ عدالت ک??ن مٿانهون قتل، تشدد ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري آهي، ڀارتي فورسز جي پيلٽ گنز سان ڪيترائي ڪشميري نوجوان نور کان محروم ٿي چڪا آهن، ڀا??ت پاران انس??ني حقن جون خلاف ورزيون افسوسناڪ آهن، والاريل ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق جو مطالبو ڪري رهيا آهن، هندو توا نظريي تحت والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي آزادي جي جدوجهد جي سزا ڏني پئي وڃي، آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جنيوا ڪنوينشن جي کلي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي برابر آهي، اسلامي تعاون تنظيم ۽ عالمي برادري والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ تاريخي ناانصافين جو نوٽيس وٺي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊاڪٽر سعيد الغفلي جي قيادت ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي آزاد ۽ مستقل انس??ني حقن واري ڪميشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??زي??اعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ گذريل 2 سالن دوران تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، ??زي??اعظم وفد کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ جڏهن کان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ غير قانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا آهن والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ اضافي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام خودمختياري واري حق جو مطالبو ڪري رهي آهي جنهن جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ساڻس واعد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي عدالت ک??ن مٿانهين قتل، ماڻهن کي حراست ۾ رکڻ، تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ماڻهن کي زخمي ۽ اپاهج بڻائڻ جهڙا ظلم درپيش آهن، پيلٽ گنز جي انڌاڌنڌ استعمال جي ڪري ڪشميري نوجوانن جو وڏو تعداد نور کان محروم ٿي ويو آهي تنهن هوندي به ظلم ۽ ڏاڍ جي هر حربو استعمال ڪرڻ جي باوجود ڀارت ڪشميري عوام جي جذبي کي دٻائي نه سگهيو. ??زي??اعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تاريخ جي تمام وڏي ناانصافي آهي ۽ او آءِ سي ۽ دنيا کي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڀارتي حڪومت جي هندو توا نظريي جي حوالي سان ??زي??اعظم چيو ته ڀارتي قبضي ۽ ڏاڍ کان آزادي جي مطالبي تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڪشميري مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري واري حق سان گڏوگڏ مذهبي آزادي کان به محروم رکيو ويو آهي ۽ کين والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جي ڪري پنهنجي اڪثريت ۽ شناخت وڃائڻ جو به خدشو آهي ۽ اهو ڀارتي قدم چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي برابر آهي، ??زي??اعظم او آءِ سي جي آزاد مستقل انس??ني حقن واري ڪميشن پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??ت پاران منظم ۽ وڏي پئم??ني تي انس??ني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ تي ان جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته هڪ آزاد اداري جي طور تي ڪميشن جا خيال موجوده زميني حقيقتن موجب آهن. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ان جي حالت کي محسوس ڪرڻ ۽ او آءِ سي ۽ عالمي برادري جو ڌيان ان طرف ڇڪرائڻ تي ڪميشن جا ٿورائتا آهيون. ??زي??اعظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀا??ت پاران ڪيل سمورا هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حقن جون خلاف ورزيون فوري بند ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ??زي??اعظم وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ذڪر ڪيو ۽ مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو ان جي مقابلي لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪري، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڪميشن جي وفد جي ??زي??اعظم عمران خان سان ملاقات انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ وفد جي ان ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ موجودگي سان ڪشميرين جي منصفاڻي موقف جي ڀرپور حمايت جي عڪاسي ٿئي ٿي، ڪميشن جو وفد والاريل ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ او آءِ سي جي پرڏيهي ??زي??ن جي ڪائونسل جي فيصلي جي روشني ۾ اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي، ڪميشن هڪ جامع طريقڪار جوڙيو آهي جنهن تحت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني حقن جي سنگين صورتحال جي باقاعدگي سان نگر??ني سان گڏوگڏ رپورٽون به جوڙيون وينديون