اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پارليام??ني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ بين الصوبائ?? رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ م??لس شوريٰ پارليامينٽ کي صدر جي خطاب، قانونسازي ۽ نئين پارليام??ني سال جي ڪلينڊر بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. موجوده قومي اسيمبلي جي چوٿين پارليام??ني سال جي شروعات صدر جي خطاب سان ٿيندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته موثر قانونسازي ذريعي ئي ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو ۽ عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. چوٿين پارليام??ني سال ۾ التوا ۾ پيل قانونن جي منظوري ۽ عوامي ڀلائي بابت قانون ترجيحي بن??اد?? تي منظوري جي لاءِ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽئين پارليام??ني سال ۾ عوامي ڀلائي بابت ڪيترائي بلز منظور ڪيا ويا، بجيٽ ۽ عوامي اهميت وارن معاملن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي جنهن جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ڏانهن وڃي ٿو. بابر اعواڻ چيو ته پارليام??ني سال جو ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.