اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران ??ان ??حت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قدم قرار ڏيندي چيو آه?? ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي، ان منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي فراهيم بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزي??اع??م جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت وار?? وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، خيبرپختونخواهه جي صحت/ ناڻي وار?? وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ?? اتڪل 4 ڪروڙ صحت ڪارڊ ورهائڻ جو عمل 31 ڊسمبر کان ??روع ڪري مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان ??هولت جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي ويندي. وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئ?? ته ان منصوبي کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزي??اع??م صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن تائين صحت جون معياري سهولتون نه رڳو اسان ??ي ذميواري آهي پر اسان ??ي ترجيحن جو به واضح مظهر آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ قدم جي ڪري جتي معاشري جي ڪمزور طبقن کي صحت جون معياري سهولتون ملنديون اتي اسپتالن جي شعبي خاص طور تي نجي شعبي کي هٿي ملندي. وزي??اع??م صحت وارن وزيرن کي هدايت ڪئ?? ته مختلف اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ ذريعي جتي هڪ جهڙي معياري سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃ?? ته اسپتالن م ايندڙ ماڻهن خاص طور تي گهٽ تعليم يافته ماڻهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي. صحت ڪارڊ جي ذريعي معياري سروس کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان وزي??اع??م هدايت ڪئ?? ته سهولت مان فائدو کڻندڙن جي فيڊ بيڪ کي نظام جو مستقل حصو بڻايو وڃ?? ته جيئن ڪنهن به ڏکيائي کي وقت سر ختم ڪري سگهجي. وزي??اع??م منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي.