اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته حڪومت ملڪ ۾ پ??ريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو، غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ ??دران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ ۾ گهٽ قيمت تي رهائش جي فراهمي لاءِ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارٽگيج فنانسنگ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ 69 ارب روپين جي منظوري ڏئي رهي آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته گهٽ قيمت رهائش جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت ملڪ ۾ پ??ريون ڀيرو مارٽگيج فنانسنگ کي متعارف ڪرايو. هن چيو ته غريب ماڻهو هاڻي مسواڙ ??دران گهر جون قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو.