اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي ملڪ ?? 12 ربيع الاول شايان شان طريقي سان ملهايو ويندو، پوري ملڪ ?? ان حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون، اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي تقريب ٿيندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ 12 ربيع الاول جي تقريب جي تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي 12 ربيع الاول جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وز??رن چوڌري فواد حسين، نورالحق قادري، شفقت محمود، خاص معاونين شهباز گل، عثمان ڊار، سين??ٽر فيصل جاويد، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، سين??ٽر سيف الله نيازي ?? ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.