اسلام آباد – 09 ڊسمبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽرانسپرينسي جو سروي هجي يا ڪا ٻي سروي، ڊگهي عرصي کانپوءِ سياسي حڪومت جي باري ۾ اهو اعتماد ظاهر ٿيو آهي ته اها ڪرپٽ عنصرن تي ٻڌل نه آهي، عوام کي ??زيراعظم جي ذات تي اهو اعتماد آهي ته هو ذاتي مفادن لاءِ ڪو ڪم نه ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 89 سيڪڙو ما??هو ڪورونا وائرس جي وبا جي حو??لي سان ڪيل حڪومتي قدمن جي تائيد ڪن ٿا، اها وڏي ڪاميابي آهي.