اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتس??ان ۾ سموري آبادي ۽ سمورن هاءِ ويز تي بهتر انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ مع??ار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اه??ن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتس??ان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت سمورن شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وڏي پئماني تي اڀرندڙ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اخت??ار ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، براڊ بينڊ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار ۽ اي ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتس??ان سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي انٽرنيٽ جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. صدر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتس??ان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت بلتس??ان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڪشمير جي آءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت کانسواءِ پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ايس سي او ميجر جنرل شاهد صديق شر??ت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ايس سي او آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتس??ان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.