اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي ??ان??ان جي 8 ڀاتين سميت مريءَ ۾ فوت ٿيندڙ اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ نويد اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت جي اظهار لاءِ ٽيليفونڪ رابطو ??يو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي ??ان??ان جي 8 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نويد اقبال، سندس ??ان??ان سميت معصوم ٻارن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي سخت صدمو پهتو. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ع??ا فرمائي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.